اگور ندي

اگور ندي: اگور ندي هنگول جو ئي ٻيو نالو آهي، هنگلاج مندر ويندڙ ياترين کي ’اگوري‘ چوندا آهن. جيئن لاهوت ويندڙن کي ’لاهوتي‘ چئبو آهي. ياتري هتي خاص پوڄائون ڪندا آهن. هتي (اگور نديءَ تي) ياترا لاءِ آيل بيواهه عورتون پنهنجا مٿا ڪوڙائين ٿيون. انهن سان گڏ مرد ۽ ڇوڪرا به مٿا ڪوڙائين ٿا. هن رسم کي ”ڀدر“ سڏجي ٿو. شادي شده عورتون ان رسم کان آجيون آهن. جڏهن ته مرد ياتري ڏاڙهيون مڇون به ڪوڙائيندا آهن. بليموريا به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. هتي ئي جڻين يا سڳا ٻڌڻ جي رسم ٿيندي آهي. جڻيو، هندوڌرم جي 17 سنسڪارن مان هڪ آهي. سندن تشريح موجب جڻئي جي ٽن ڌاڳن ۾ ايشور سمايل آهي. ان ڪري براهمڻ هٿان جڻيا پارائي هر ٻار کي علم پرائڻ لاءِ وهاريو وڃي ٿو. هيءَ رسم، اصل ۾ ٻار کي هندو ڌرم ۾ باقاعدي شامل ڪرڻ آهي. ان کانپوءِ هنگلاج جا ياتري ورت رکي آسا پورا لاءِ روانا ٿين ٿا. هتان سامان ٽرڪن تان لاهي اٺن تي رکيو ويندو آهي ۽ آساپورا تي لاهبو آهي. هيءُ فاصلو 8 ميل کن آهي. آسا پورا کان اڳتي ڏکي واٽ سبب اٺ وڃي نه سگهندا آهن، پر روايت موجب اٺ اتان اڳتي ان ڪري نه وڃي سگهندا آهن، جو ان پوتر ماڳ تي هلڻ سان اٺن جا پير سڄي پوندا آهن.


لفظ اگور نديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو